روح رهاڻ1

روح رهاڻ1 (وڻ): هي وڻ باغن ۾ لڳايو وڃي ٿو. هن جا پن توت جي پنن وانگر آهن، پر ٿورا ننڍا ٿين ٿا. هن وڻ جا گل دوا ۾ ڪم ايندا آهن، جيڪي شوخ، ڳاڙها، ذائقي ۾ ڦڪا لعابدار ٿين ٿا. دل ۽ دماغ کي فرحت ڏيندڙ ۽ طاقت بخشيندڙ آهي.
حڪيمن موجب گرميءَ ۽ خون جي جوش کي معتدل بڻائي ٿو ۽ هن جي پنن کي گهڻو ڪري عرق ۽ شربت جي صورت ۾ علاج لاءِ استعمال ڪبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو